ڏيرو رسول بخش

ڏيرو، رسول بخش: فريدآباد، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ جو رهاڪو، وڏيرو رسول بخش خان ڏيرو، فيبروري 1901ع ڌاري پيدا ٿيو. هو اڃا ننڍو ئي هو ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ پوءِ سندس پرورش والده ڪئي. مختلف مدرسن ۽ اسڪولن ۾ سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم ورتائين ۽ پوءِ پنهنجي زمينداري سنڀالڻ لڳو. کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ سان وڏو شغف هو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي مان ٻن سُرن: سُر ڪلياڻ ۽ سُر يمن ڪلياڻ جي تفصيلي شرح لکيائين، جنهن مان ’نئين شرح لطيف‘ عنوان سان سُر ڪلياڻ جي ٻن فصلن/ داستانن جي شرح ڇپجي چڪي آهي. ان جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته هن جو وسيع اڀياس هو ۽ وٽس تمام گهڻي معلومات هئي، جيڪا اڪثر اديبن وٽ گهٽ هوندي آهي. رسول بخش ڏيري، 28 جولاءِ 1982ع تي فريدآباد ۾ وفات ڪئي. سندس قبر پنهنجي ئي جوڙايل جامع مسجد فريدآباد جي ويجهو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو